پاڪستان پاران مينز هاڪي ٽورنامينٽ ۾ ازبڪستان کي شڪست

لاهور _ 22 سيٽمبر (اي پي پي) 20هين ايشين گيمز آئچي ناگويا 2026ع جي مينز هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي هاڪي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ازبڪستان کي هڪ جي مقابلي ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي ٻي ميچ کٽي ورتي آهي. ايڇ ايف جي ترجمان مطابق 18 هين منٽ ۾ پاڪستان جي محمد عماد بهترين فيلڊ گول ڪري ٽيم کي 1-0 جي برتري ڏياري. 30هين منٽ …

لاهور _ 22 سيٽمبر (اي پي پي) 20هين ايشين گيمز آئچي ناگويا 2026ع جي مينز هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي هاڪي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ازبڪستان کي هڪ جي مقابلي ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي ٻي ميچ کٽي ورتي آهي. ايڇ ايف جي ترجمان مطابق 18 هين منٽ ۾ پاڪستان جي محمد عماد بهترين فيلڊ گول ڪري ٽيم کي 1-0 جي برتري ڏياري. 30هين منٽ ۾ ازبڪستان جي سليم جونوف شوخ رخ بيگ پينلٽي ڪارنر ذريعي گول ڪري مقابلو 1-1 تان برابر ڪري ڇڏيو .33 هين منٽ ۾ پاڪستان جي سفيان خان پينلٽي ڪارنر کي گول ۾ پاڪستان کي 2-1 تي پهچايئ ڇڏيو. 40 هين منٽ ۾ عبدالرحمان پينلٽي ڪارنر تي گول اسڪور ڪري برتري 3-1 ڪري ڇڏي. 45 هين منٽ ۾ ابوبڪر محمود پينلٽي اسٽروڪ تي ڪاميابي سان گول ڪري اسڪور 4-1 ڪري ڇڏيو. 57 هين منٽ ۾ سفيان خان ميچ ۾ پنهنجو ٻيو ۽ ٽيم جو پنجون گول پينلٽي ڪارنر ذريعي اسڪور ڪري پاڪستان جي 5-1 تان فتح يقيني بڻائي ڇڏي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر قومي ٽيم جي ان شاندار فتح تي رانديگرن ۽ آفيشلز کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٽيم اڳتي به انهي تسلسل کي برقرار رکندي.