ايران جو پرڏيهي وزير  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو

نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ نيويارڪ پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا جي جان ايف ڪينيڊي ايئر پورٽ پهچڻ تي گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل ناظم الامور سندس استقبال ڪيو. ان کان اڳ نيويارڪ ايندي ايران جي پرڏيهي وزير دوحه ۾ مختصر قيام ڪيو ۽ اتي …

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ نيويارڪ پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا جي جان ايف ڪينيڊي ايئر پورٽ پهچڻ تي گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل ناظم الامور سندس استقبال ڪيو. ان کان اڳ نيويارڪ ايندي ايران جي پرڏيهي وزير دوحه ۾ مختصر قيام ڪيو ۽ اتي قطر جي اختيارين سان علائقائي صورتحال تي مشاورت ڪئي. ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت کان علاوه سربراهي اجلاس ۾ شريڪ ڪيترن عملدارن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ڳالهيون ۽ مشاورت به ڪندو.