برطانيه پاران سعودي عرب کي حوثين خلاف دفاعي فوجي مدد فراهم ڪرڻ جو اعلان

لنڊن – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيه جي وزيراعظم چيو آهي ته برطانيه سعودي عرب کي فضائي ٻارڻ ڀرڻ جي مدد فراهم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو يمن ۾ ايران جي حمايت يافته حوثين پاران  سعودي عرب تي ڪيل حملن جي رد عمل ۾ ڪيو ويو آهي. برطانيه پاران سعودي عرب جي مدد جي اعلان تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ عملدرآمد شروع ڪيو ويندو ۽ ان ۾ هڪ برطانوي جهاز ”وائجر“ …

لنڊن – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيه جي وزيراعظم چيو آهي ته برطانيه سعودي عرب کي فضائي ٻارڻ ڀرڻ جي مدد فراهم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو يمن ۾ ايران جي حمايت يافته حوثين پاران  سعودي عرب تي ڪيل حملن جي رد عمل ۾ ڪيو ويو آهي. برطانيه پاران سعودي عرب جي مدد جي اعلان تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ عملدرآمد شروع ڪيو ويندو ۽ ان ۾ هڪ برطانوي جهاز ”وائجر“ شامل هوندو، جيڪو قبرص ۾ واقع آر اي ايف اڪترو تيري سان آپريٽ ڪندو. برطانوي وزيراعظم  چيو ته اهو فيصلو سعودي عرب  پاران فوجي مدد جي درخواست کان پوءِ ڪيو ويو آهي جنهن کي هن ودفاع واري وزير ويس اسٽريٽنگ ۽ پرڏيهي ايڊملي بينڊ جي مشوري تي منظور ڪيو.  برطانوي اختيارين چيو آهي، ته آڇ محدود وقت لاءِ آهي ۽ شروعاتي طور ان جو وقت ڪجهه هفتا هوندو. برطانوي عملدارن مطابق دفاعي مدد ۾ سعودي فضائيه جي جهازن کي حوثين طرفان ايندڙ ميزائلن ۽ ڊرونز کي تباهه ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ به شامل ٿي سگهي ٿو.