ملڪ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي  ڀاڻ جي وڪري ۾ 8 مهينن دوران گڏيل رجحان رڪارڊ

اسلام آباد _22 سيٽمبر (اي پي پي ) ملڪ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي وڪري ۾ جاري ڪيلينڊر سال جي پهرين 8 مهينن دوران ساليانو بنيادن تي گڏيل رجحان ڏسڻ ۾ آيو . اين ايف ڊي سي ۽ انڊسٽري جي انگ اکرن مطابق جنوري کان آگسٽ 2026ع دوران ملڪ ۾ يوريا جو وڪرو 3.79 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ان مدي جو 3.77 …

اسلام آباد _22 سيٽمبر (اي پي پي ) ملڪ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي وڪري ۾ جاري ڪيلينڊر سال جي پهرين 8 مهينن دوران ساليانو بنيادن تي گڏيل رجحان ڏسڻ ۾ آيو . اين ايف ڊي سي ۽ انڊسٽري جي انگ اکرن مطابق جنوري کان آگسٽ 2026ع دوران ملڪ ۾ يوريا جو وڪرو 3.79 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ان مدي جو 3.77 ملين ٽن وڪري جي ڀيٽ ۾ معمولي وڌيڪ آهي . آگسٽ ۾ يوريا جو وڪرو 0.70 ملين ٽن رهيو جيڪو جولاءِ جي 0.58 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو وڌيڪ آهي، پر  گذريل سال آگسٽ جو 0.81 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو گهٽ آهي . انگن اکرن مطابق جنوري کان آگسٽ دوران ڊي اي پي جو وڪرو 0.70 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي انهي مدي ۾ 0.69 ملين ٽن وڪري جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي . آگسٽ ۾ ڊي اي پي جو وڪرو 0.12 ملين ٽن رهيو جيڪو جولاءِ جو 0.09 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي، پر گذريل سال آگسٽ جو 0.13 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو گهٽ آهي .