اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان مخالف پروپيگنڊا فقط هٿ ٺوڪي بيانيي کي هٿي ڏيڻ جي ناڪام ۽ شرمناڪ ڪوشش هئي، پهلگام ڊرامي کان پوءِ ڀارتي ميڊيا پيشيوراڻي قدرن کي پُوئتي ڌڪيندي صحافت بدران مودي سرڪار جي جنگي ترجمان جو ڪردار ادا ڪيو. ڀارتي ميڊيا پنهنجي نشريات ذريعي مسلسل جنگي جنون کي هوا ڏيندي ڪوڙين خبرن ذريعي پنهنجي عوام کي گمراهه …
پهلگام فالس فليگ، اڻ تصديق ٿيل دعوائن ڀارتي ميڊيا جا پول کولي ڇڏيا

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان مخالف پروپيگنڊا فقط هٿ ٺوڪي بيانيي کي هٿي ڏيڻ جي ناڪام ۽ شرمناڪ ڪوشش هئي، پهلگام ڊرامي کان پوءِ ڀارتي ميڊيا پيشيوراڻي قدرن کي پُوئتي ڌڪيندي صحافت بدران مودي سرڪار جي جنگي ترجمان جو ڪردار ادا ڪيو. ڀارتي ميڊيا پنهنجي نشريات ذريعي مسلسل جنگي جنون کي هوا ڏيندي ڪوڙين خبرن ذريعي پنهنجي عوام کي گمراهه ڪندو رهيو. پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ريپبلڪ ٽي وي جي اينڪر ارنب گوسوامي ڀارتي حڪومت کي جنگ لاءِ اُڪسائيندي پاڪستان کي غزه بنائڻ جو مطالبو ڪيو. پهلگام ڊرامي کانپوءِ ڀارتي ميڊيا زميني حقيقتن کي پوئتي ڌڪيندي ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ جنگي ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ جي ناپاڪ مهم جاري رکي. ڀارتي اينڪر پنهنجي ٽي وي اسٽوڊيوز کي جنگي ڪمرن ۾ تبديل ڪري خطي جي امن تباهه ڪرڻ ۽ جنگي جنون ڦهلائڻ ۾ رَلجي ويا. ڪراچي پورٽ کي باهه لڳائڻ ۽ ميزائل حملن جون ڌمڪيون ڏئي ڀارتي ميڊيا پنهنجي ڪِريل ذهنيت ۽ شديد عدم تحفظ جو ثبوت ڏنو. بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لاڳو ڪري ڀارتي ميڊيا عالمي سطح تي پنهنجي ساک ۽ پيشيوراڻي وقار کي داءُ تي لڳايو. پهلگام فالس فليگ کان پوءِ ڀارتي ميڊيا انتقام ۽ جنگي تيارين جي ڇڪتاڻ ۽ جنگي جنون کي هٿي ڏيڻ جي ناپاڪ ايجنڊا تي ڪم ڪندو رهيو. نام نهاد ڀارتي دفاعي تجزيه ڪار (ر) جنرل جي ڊي بخشي ڀارتي ميڊيا تي جنگ جا اولا ڀڙڪائڻ ۾ اڳيان اڳيان رهيو. ماهرن موجب چِڙ ڏياريندڙ ۽ ڪوڙي بيانيي ذريعي پاڪستان کي نشانو بنائڻ ڀارتي ميڊيا جي اخلاقي گراوٽ ۽ صحافي ڏيوالي پڻ جو شرمناڪ مظهر آهي. ڀارتي اينڪرز جي چِڙ ڏياريندڙ ڳالهين ۽ جنگ جون ڌمڪيون ڏکڻ ايشيا جي امن کي داءُ تي لڳائڻ وارو هڪ انتهائي غير ذميداراڻو فعل آهي.











