اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 2 سيڪڙو جي واڌ کان پوءِ 96.30 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 2.15 سيڪڙو جي واڌ کان پوءِ 107.56 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت اٽڪل 8 ڊالرن …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 2 سيڪڙو جي واڌ کان پوءِ 96.30 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 2.15 سيڪڙو جي واڌ کان پوءِ 107.56 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت اٽڪل 8 ڊالرن جي واڌ کان پوءِ 4714.27 ڊالر في اونس ۽ چانديءَ جي قيمت 0.29 سينٽ کان پوءِ 75.94 ڊالر ٿي وئي. خوراڪ جي قيمتن ۾ به عمومي اضافي جو رجحان رهيو. سويابين تيل جي مستقبل جا سودا 3.08 ڊالر جي واڌ کان پوءِ 1166.83 ڊالر ۽ پام آئل جا سودا 18 ڊالرن جي واڌ کان پوءِ 4597 ڊالر ۾ طئي ٿيا. ڪڻڪ جي قيمت ۾ 0.64 سيڪڙو واڌ جڏهن ته چانورن جي قيمت ۾ 1.95 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي.











