آسٽريليا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 5 مئي تائين طلب

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته آسٽريليا ۾ 31 آگسٽ کان 3 سيٽپمبر تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش فائن فوڊ آسٽريليا ۾ شرڪت لاءِ 5 مئي تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ 31 آگسٽ کان 3 سيٽپمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ پراسيس فوڊ، بيوريجز، چانورن، …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته آسٽريليا ۾ 31 آگسٽ کان 3 سيٽپمبر تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش فائن فوڊ آسٽريليا ۾ شرڪت لاءِ 5 مئي تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ 31 آگسٽ کان 3 سيٽپمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ پراسيس فوڊ، بيوريجز، چانورن، ميون، ڀاڄين، گرم مصالحن ۽ تيار کادن سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٽي ڊي اي پي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا. 

مزید خبریں