آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين سان علائقائي استحڪام ۽ معاشي اعتماد جا نوان رستا کلي سگهن ٿا: وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان

اسلام آباد-10 اپريل(اي پي پي)وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ملندو، عوام تي ڪو به اضافي بار نه وڌو ويندو.  آمريڪا ايران ڳالهيون هاڪاري قدم آهن جنهن سان علائقائي استحڪام ۽ معاشي اعتماد جا نوان رستا کليا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ انٽرويو دوران ڪيو. رانا احسان افضل خان چيو آهي ته حڪومت موجوده معاشي چئلينجز کي منهن …

اسلام آباد-10 اپريل(اي پي پي)وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ملندو، عوام تي ڪو به اضافي بار نه وڌو ويندو.  آمريڪا ايران ڳالهيون هاڪاري قدم آهن جنهن سان علائقائي استحڪام ۽ معاشي اعتماد جا نوان رستا کليا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ انٽرويو دوران ڪيو. رانا احسان افضل خان چيو آهي ته حڪومت موجوده معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري بچت وارا قدم دانشمندي سان کنيا آهن جن نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام جي ڏکيائين کان پوري طرح آگاه آهي ۽ صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ واضع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي. احسان افضل خان يقين ڏياريو ته ايندڙ بجيٽ يا ايندڙ ڪجهه مهينن دوران عوام تي اضافي بار نه وڌو ويندو. هن چيو ته معاشي استحڪام آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ته جيئن معاشي حالتون بهتر ٿين ۽ عوام کي ريليف ملي.آمريڪا – ايران ڳالهين جي حوالي سان پاڪستان جي تعميري ڪردار کي اجاگر ڪندي هن چيو ته علائقائي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ ڳالهيون ئي واحد رستو آهن. هن پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو. هن چيو ته قيادت هميشه ڊائيلاگ، تحمل ۽ تڪرار جي پر امن حل جي حمايت ڪئي آهي جيڪا علائقائي سطح تي هڪ ذميوار هاڪاري سفارتڪاري جي عڪاسي آهي.