اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف)، عالمي بئنڪ جي گروپ ۽ـ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سربراهن چيو آهي ته وچ اوڀر جي جنگ سان عالمي معيشت ۽ غذائي تحفظ کي خطرا موجود آهن. آءِ ايم ايف طرفان جاري بيان موجب اها ڳالهه آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ گروپ ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سربراهن وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ جاري گڏيل بيان ۾ چئي …
وچ اوڀر جي جنگ سان عالمي معيشت ۽ غذائي تحفظ کي خطرا موجود آهن، آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جو گڏيل پڌرنامو
اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف)، عالمي بئنڪ جي گروپ ۽ـ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سربراهن چيو آهي ته وچ اوڀر جي جنگ سان عالمي معيشت ۽ غذائي تحفظ کي خطرا موجود آهن. آءِ ايم ايف طرفان جاري بيان موجب اها ڳالهه آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ گروپ ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سربراهن وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ جاري گڏيل بيان ۾ چئي وئي آهي. وچ اوڀر ۾ هاڻوڪي ڇڪتاڻ جي عالمي معيشت ۽ غذائي تحفظ تي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽنهي عالمي ادارن جي سربراهن جو اهم اجلاس واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته وچ اوڀر جو هاڻوڪو بحران نه صرف خطي پر پوري دنيا ۾ ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار کي شديد متاثر ڪري رهيو آهي. تڪرار جديد تاريخ ۾ عالمي توانائي جي مارڪيٽن ۾ سڀ کان وڏي جهٽڪي مان هڪ کي جنم ڏنو آهي. بيان موجب تيل، گيس ۽ ڀاڻ جي قيمتن ۾ واڌ، چُرپر ۾ رڪاوٽن سان گڏجي لازمي طور خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ غذائي عدم تحفظ کي جنم ڏيندو. پڌرنامي ۾ خبردار ڪيو ويو ته ان بحران جو سڀ کان وڏو بار دنيا جي ڪمزور ۽ غريب آبادين خاص طور تي گهٽ امدني ۽ درآمدي معيشت وارن ملڪن تي پوندو. ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ خوراڪ جي امڪاني مهنگائي انهن ملڪن لاءِ وڌيڪ ڳڻتي آهي جتي مالي وسيلا محدود آهن ۽ قرضن جو بار پهرين ئي وڌيڪ آهي جنهن سان حڪومتن جي پنهنجي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي تحفظ ڏيڻ جي صلاحيت متاثر ٿي سگهي ٿي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته لاڳاپيل عالمي ادارا صورتحال تي مسلسل نظر رکندا ۽ بحران کان متاثر ٿيندڙن جي مدد لاءِ دستياب سمورا وسيلا ۽ طريقيڪار کي مربوط انداز ۾ استعمال ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنهنجي پنهنجي دائره اختيار موجب ۽ موجوده ردِعمل جي نظام کي ڪتب آڻيندي اهي ادارا انساني جانين ۽ روزگار جي تحفظ لاءِ مدد فراهم ڪندا ۽ اهڙي مضبوط بحاليءَ جو بنياد رکندا جيڪي استحڪام، معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.












