خيبرپختونخواه جي يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ آءِ ايس پي آر ونٽر انٽرنشپ پروگرام جاري

اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ آءِ ايس پي آر ونٽر انٽرنشپ پروگرام جاري آهي. آءِ ايس پي آر ونٽر انٽرنشپ تحت خيبرپختونخوا جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول جو دورو ڪيو. شاگردن کي پي ايم اي ۾ جاري پيشيوراڻي عسڪريت تربيت، نظم ۽ ضبط ۽ قيادت سازي جي عمل تي جامع بريفنگ ڏني وئي. شاگردن کي …

اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ آءِ ايس پي آر ونٽر انٽرنشپ پروگرام جاري آهي. آءِ ايس پي آر ونٽر انٽرنشپ تحت خيبرپختونخوا جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول جو دورو ڪيو. شاگردن کي پي ايم اي ۾ جاري پيشيوراڻي عسڪريت تربيت، نظم ۽ ضبط ۽ قيادت سازي جي عمل تي جامع بريفنگ ڏني وئي. شاگردن کي پاڪ فوج جي ڪردار، تاريخ ۽ قومي دفاع ۾ ان جي پيشيوراڻين ذميوارين کان آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ڪيڊٽس جي اعليٰ تربيت، نظم ۽ ضبط ۽ حب الوطني جذبي کي ساراهيندي پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي شاگردن چيو ته ڪيڊٽس جو حوصلو بلند ڏسي پاڪ فوج تي يقين وڌيڪ وڌي ويو ته ڪو به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جو سخت نظم ۽ ضبط ۽ مشڪل حالتن ۾ تربيت شاگردن ۾ حوصلو ۽ عزم پيدا ڪري ٿي، شرڪت ڪندڙن قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪ فوج تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں