اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ خام تيل جي پيداوار ۾ هفتي جي بنياد تي اضافو جڏهن ته گيس جي پيداوار ۾ گهٽتائي ريڪارڊ ٿي آهي.انگن اکرن موجب 23 مارچ تي ختم ٿيل هفتي تي ملڪ ۾ خام تيل جي روزانو سراسري بنياد تي پيداوار 66009 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا پوئين هفتي جي ڀيٽ ۾ 1.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان کان پوئين هفتي ۾ ملڪ ۾ خام …
ملڪ ۾ خام تيل جي پيداوار ۾ اضافو، گيس جي پيداوار ۾ گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ خام تيل جي پيداوار ۾ هفتي جي بنياد تي اضافو جڏهن ته گيس جي پيداوار ۾ گهٽتائي ريڪارڊ ٿي آهي.انگن اکرن موجب 23 مارچ تي ختم ٿيل هفتي تي ملڪ ۾ خام تيل جي روزانو سراسري بنياد تي پيداوار 66009 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا پوئين هفتي جي ڀيٽ ۾ 1.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان کان پوئين هفتي ۾ ملڪ ۾ خام تيل جي روزانو سراسري بنياد تي پيداوار 64992 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح 23 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گيس جي سراسري طور روزانو جي پيداوار 3010 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا پوئين هفتي جي ڀيٽ ۾ 4.2 سيڪڙو گهٽ آهي. پوئين هفتي ۾ گيس جي سراسري طور روزانو جي پيداوار 3141 ايم ايم سي ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن موجب 23 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي سراسري طور روزانو جي پيداوار 33516 بيرل، پي پي ايل 11194 بيرل، پي او ايل 4228 بيرل ۽ ماڙي گيس جي خام تيل جي سراسري طور روزانو جي پيداوار 1342 بيرل ريڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح 23 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي گيس جي سراسري طور روزانو جي پيداوار 652 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل 556 ايم ايم سي ايف ڊي، پي او ايل 70 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ ماڙي گيس جي سراسري پيداوار 971 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.











