مصنوعي ذهانت جي ڊيزائن، ترقي ۽ انضمام جي سمورن مرحلن ۾ انساني صوابديد ۽ ڪنٽرول برقرار رکڻ جي ضرورت آهي: اسحاق ڊار

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصنوعي ذهانت جي ڊيزائن، ترقي ۽ انضمام جي سمورن مرحلن ۾ انساني صوابديد ۽ ڪنٽرول برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي ۾ اڳڀرائي جون ڪوششون نئين قسم جي اجاره داري يا پهچ ۾ رڪاوٽ جو سبب نه بڻجڻ گهرجن. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصنوعي ذهانت جي ڊيزائن، ترقي ۽ انضمام جي سمورن مرحلن ۾ انساني صوابديد ۽ ڪنٽرول برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي ۾ اڳڀرائي جون ڪوششون نئين قسم جي اجاره داري يا پهچ ۾ رڪاوٽ جو سبب نه بڻجڻ گهرجن. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران “مصنوعي ذهانت ۽ عالمي سلامتي” جي موضوع تي منعقد بريفنگ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي خطاب ڪيو. هي اجلاس فرانس پاران سيپٽمبر جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت تحت منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت فرانس جي پرڏيهي وزير ڪئي جڏهن ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي اعلى شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ برطانيا، ڊيمنارڪ ۽ جمهوريه ڪانگو جي پرڏيهي وزيرن، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن ۽ آمريڪا جي صدر جي عاون ۽ وائيٽ هائوس آفيس آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پاليسي جو ڊائريڪٽر شامل هو. پاناما، يونان، صوماليه، بحرين، لٽويا، ڪولمبيا، چين، روسي فيڊريشن ۽ لائبيريا جي سينيئر نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪائونسل کي گڏيل قومن جي مصنوعي ذهانت بابت عالمي آزاد پينل جي شريڪ چيئرمين پروفيسر يوشوا بينجيو، اوپ اي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيم آلٽ مين، اينٿرو پڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاريوا موڊي ۽ هيگنگ فيس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪليمنٽ ڊيلانگ بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم مصنوعي ذهانت جي ڊيزائن، ترقي ۽ انضمام جي سمورن مرحلن ۾ انساني صوابديد ۽ ڪنٽرول برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن مصنوعي ذهانت کي هٿيارن جي ڊوڙ جو هڪ ٻيو رخ بڻجڻ کان روڪڻ ۽ فوجي  شعبي ۾ غلط اندازن ۽ فيصلا ڪرڻ جي لاءِ محدود هوندي وقت سان پيدا ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تحمل ۽ اعتماد سازي جي قدمن تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ اڳڀرائي جي رفتار سان هم آهنگ ٿيڻ جون ڪوششون نئين قسم جي اجاره داري يا پهچ ۾رڪاوٽ جو سبب نه بڻجڻ گهرجن ۽ اهو ته سلامتي جي نالي تي کنيل قدمن کي ٽيڪنالاجي کان محروم رکڻ جي ذريعن ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي. هن مصنوعي ذهانت جي حڪمراني جي معاملي کي گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ نمائنده ۽ جامع فورمز تي عالمي سطح تي سمورن ملڪن جي شرڪت سان گڏ غور هيٺ آڻڻ تي زور ڏنو. هن جنيوا ۾ مصنوعي ذهانت جي حڪمراني جي حوالي سان گڏيل قومن جي پهرين عالمي مڪالمي جي آجيانڪئي ۽ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان کي مصنوعي ذهانت کي سڀني جي لاءِ ۽ ڀلائي جي لاءِ ترقي ڏيڻ طرف ٺوس قدم قرار ڏنو. نائب وزيراعظم مصنوعي ذهانت جي حوالي سان عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ، عالمي مصنوعي ذهانت جي فرق کي گهٽ ڪرڻ ۽ سڀني جي لاءِ امن ۽ ترقي جي خاطر مصنوعي ذهانت تائين برابر پهچ کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستانجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.