ايران پاران سفارتي رستو اختيار ڪرڻ جي اشاري بعد خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي

لنڊن- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ خميس ڏينهن معمولي گهٽتائي ڏٺي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برينٽ خام تيل جا اگهه 94 سينٽ يا 0.9 سيڪڙو جي گهٽتائي بعد 102.13 ڊالر في بيرل تائين اچي ويو، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سودا 59 سينٽ يا 0.7 سيڪڙو گهٽجي 91.56 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. مارڪيٽ ۾ اطمينان ان وقت پيدا ٿيو …

لنڊن- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ خميس ڏينهن معمولي گهٽتائي ڏٺي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برينٽ خام تيل جا اگهه 94 سينٽ يا 0.9 سيڪڙو جي گهٽتائي بعد 102.13 ڊالر في بيرل تائين اچي ويو، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سودا 59 سينٽ يا 0.7 سيڪڙو گهٽجي 91.56 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. مارڪيٽ ۾ اطمينان ان وقت پيدا ٿيو پيدا ٿيو جڏهن ايران اشارو ڏنو ته هو آمريڪا سان تڪرار جي خاتمي لاءِ سفارتي رستو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. خطي ۾ غير يقيني صورتحال برقرار رکڻ رهڻ سبب توانائي جي مارڪيٽن ۾ واڌ ۽ لاٿ جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي.