نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان نيپال جي پرڏيهي وزير شيسير کنال جي ملاقات

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي نيپال جي پرڏيهي وزير شيسير کنال سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير نيپال ۾ تازي …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي نيپال جي پرڏيهي وزير شيسير کنال سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير نيپال ۾ تازي اوچتو ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان مشڪل وقت ۾ نيپال جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. نيپال جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي حمايت تي ٿورا ادا ڪيا ۽ نائب وزيراعظم اساحاق ڊار کي ان آفت جي شدت ۽ عوام ۽ بنيادي ڍانچي تي ان جي اثرن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بشمول سياسي ۽ اقتصادي مشاورت جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۽ سارڪ ۾ مسلسل رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.