گڏيل قومون- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ 5 لک 50 هزار ليٽر ٻارڻ داخل ٿيڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته فراهم ڪيل مقدار بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطه آفيس (او سي ايچ اي) مطابق اڱاري تي غزه ۾ داخل ٿيل ٻارڻ سان بنيادي خدمتن کي جاري رکڻ ۾ مدد ملندي، پر اها مقدار …
غزه ۾ 5 لک 50 هزار ليٽر ٻارڻ جي اجازت ضرورت جي ڀيٽ ۾ ناڪافي آهي: گڏيل قومون
گڏيل قومون- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ 5 لک 50 هزار ليٽر ٻارڻ داخل ٿيڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته فراهم ڪيل مقدار بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطه آفيس (او سي ايچ اي) مطابق اڱاري تي غزه ۾ داخل ٿيل ٻارڻ سان بنيادي خدمتن کي جاري رکڻ ۾ مدد ملندي، پر اها مقدار ضروري ضرورتن کان به گهٽ آهي. او سي ايڇ اي ٻڌايو ته ٻارڻ جي مسلسل دستيابي برقرار رکڻ ۽ طبي سهولتن، پاڻي جي فراهمي، امدادي ڪارروائين، ڀنجو هٽائڻ ۽ ٻين اهم خدمتن ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي کان بچڻ ڪاءِ فوري طور تي وڌيڪ فنڊز گهربل آهن. اداري مطابق غزه ۾ بيڪ اپ جنريٽرز جو وسيع پيماني تي استعمال پائيدار ناهي جڏهن ته انجڻ آئل، پرزن ۽ سولر پينلز جي منظوري، واپاري ٻارڻ جي اجازت ۽ غزه پاور پلانٽ جي سرگرمين جي بحالي انتهائي اهم آهي. او سي ايچ اي چيو ته ڪيترائي بي گهر خاندان گذريل سياري جي موسم کان خراب حالتن ۾ قائم عارضي پناهگاهن ۾ رهي رهيا آهن، جتي تحفظ، پاڻي جي نيڪاسي، ميٽريس، ڪمبلن ۽ ٻين ضروري شين جي شديد کوٽ آهي. گڏيل قومن مطابق شديد برساتن جي شروعات کان پوءِ اٽڪل 4 لک ماڻهن کي لڏپلاڻ جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي. ان کان اڳ امدادي شراڪتدار پاڻي جي نيڪالي بهتر بڻائڻ، پناهگاهن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ضروري سامان ۽ اوزار فراهم ڪرڻ جا قدم کڻي رهيا آهن پر وسيلا محدود آهن ۽ دستياب زمين به تمام گهٽ رهجي وئي آهي.











