نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ باصلاحيت پاڪستاني نوجوان مون سميت پوري قوم جو فخر آهن، پختو يقين آهي ته پاڪستان جي قسمت رڳو نوجوان ئي بدلائي سگهن ٿا، سڄي پاڪستان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ جديد هنر سيکارڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ باصلاحيت پاڪستاني نوجوان مون سميت پوري قوم جو فخر آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ باصلاحيت پاڪستاني نوجوان مون سميت پوري قوم جو فخر آهن، پختو يقين آهي ته پاڪستان جي قسمت رڳو نوجوان ئي بدلائي سگهن ٿا، سڄي پاڪستان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ جديد هنر سيکارڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نوجوانن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صحت جي شعبي، انفارميشن ٽيڪانلاجي، مصنوعي ذهانت ۽ سماجي انٽر پريوينوئرز سان گڏوگڏ مختلف يوٿ اين جي اوز جا سربراهه ۽ پروفيشنلز شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ بهتري جي لاءِ تجويزون ڏيڻ ۽ پاڪستان جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ باصلاحيت پاڪستاني نوجوان مون سميت پوري قوم جو فخر آهن، پختو يقين آهي ته پاڪستان جي قسمت رڳو نوجوانئي بدلائي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته سڄي پاڪستان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ جديد هنر سيکارڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، خادم پنجاب جي دور کان باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ، وظيفا ۽ معاشي طور تي ڪمزور شاگردن ۽ شاگردياڻين کي دانش اسڪولز جي ذريعي تعليم جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو هو، اهو بطور خادم پاڪستان به جاري آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ٻارن کي دانش اسڪولز جي ذريعي عالمي معيار جي تعليم فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ هاڻي عالمي معيار جي دانش يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي نوجوانن جي ترقي جي لاءِ توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. نوجوانن، نوجوانن جي ترقي خاص طور تي آءِ ٽي،انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ قدمن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقاتن ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، خاص معاون بلال بن ثاقب، پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ مستقبل نمائندي عاصم افتخار، پاڪستان جي آمريڪا ۾ سفير رضوان احمد شيخ، وزيراعظم جي غيرملڪي ميڊيا جي ترجمان مشرف زيدي، اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا، اوورسيز فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر افضال ڀٽي ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.












