نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوريا جي پرڏيهي معاملن واري وزير چوهيون سان ملاقات

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪوريا جي پرڏيهي معاملن واري وزير چوهيون سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا ۽ تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي غور …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪوريا جي پرڏيهي معاملن واري وزير چوهيون سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا ۽ تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي غور ڪيو. نائب وزيراعظم نئين موقعن جي لاءِ رستا کولڻ ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪوريا جي پرڏيهي وزير علائقائي مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ تعميري ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گهڻ رخي نظام جي اهميت جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي گهڻ رخي فورمز تي ڪم جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.