نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي سان ملاقات ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي سان ملاقات ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ جي سي سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي ويجهي حصيداري جو اعتراف ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان – جي سي سي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.