نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسحاق ڊار علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسحاق ڊار علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.