اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي هائوس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ جي هلندڙ 26هين اجلاس جي ايجنڊا ۽ دورانيي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گڏيل صلاح مشوري سان فيصلو ڪيو ويو ته قومي اسيمبليءَ جو موجوده سيشن 10 اپريل جمعي تائين جاري رهندو. ان دوران ايوان ۾ سوالن جي وقفي، اهم …
قومي اسيمبليءَ جو هلندڙ اجلاس 10 اپريل تائين جاري رهندو: هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي هائوس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ جي هلندڙ 26هين اجلاس جي ايجنڊا ۽ دورانيي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گڏيل صلاح مشوري سان فيصلو ڪيو ويو ته قومي اسيمبليءَ جو موجوده سيشن 10 اپريل جمعي تائين جاري رهندو. ان دوران ايوان ۾ سوالن جي وقفي، اهم قانونسازي ۽ قومي اهميت رکندڙ حساس مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو ته جيئن پارلياماني معاملن کي اثرائتي نموني سرانجام ڏيڻ کي يقيني بنائي سگهجي. اجلاس دوران اسپيڪر ايوان ۾ جاري ڪفايت شعاري مهم جي حوالي سان اهم اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته حڪومتي پاليسي تحت قومي اسيمبليءَ جي 75 سيڪڙو سرڪاري گاڏين کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڻ اسپيڪر به پنهنجون سموريون پروٽوڪول گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون آهن. ان کان علاوه انتظامي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ افرادي قوت کي محدود ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت اسيمبلي جا صرف 200 ملازم آفيس ۾ حاضر ٿي پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهم مشاورتي اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، وفاقي وزير خالد حسين مگسي ۽ شيخ آفتاب، قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن نزهت صادق، سيده شهلا رضا، شازيه مري ۽ سيد حفيظ الدين شرڪت ڪئي. ميمبرن ايوان جي ڪارروائيءَ کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.











