پيٽرولم جي چوري ۽ ٺڪاڻن کي نقصان پهچائڻ تي 14 سال قيد ۽ وڏي ڏنڊ جي سزا، ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ 2026ع جو مسودو منظوريءَ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش

اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي چوري ۽ سپلاءِ لائينن جي تخريبڪاري روڪڻ لاءِ پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ سخت ترميمن جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ طرفان قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ 2026ع ۾ پيٽرولم پائيپ لائنن ۾ ٽيمپرنگ تي ڏنڊ جي حد 30 ملين رپين تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي. ان قانون موجب …

اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي چوري ۽ سپلاءِ لائينن جي تخريبڪاري روڪڻ لاءِ پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ سخت ترميمن جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ طرفان قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ 2026ع ۾ پيٽرولم پائيپ لائنن ۾ ٽيمپرنگ تي ڏنڊ جي حد 30 ملين رپين تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي. ان قانون موجب چوري ٿيل پيٽروليم جي خريد ۽ وڪري يا چُرپر ۾ ملوث ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ 7 ۽ وڌ ۾ وڌ 14 سالن تائين سخت قيد کي مُنهن ڏيڻو پوندو جڏهن ته ڏنڊ ۾ استعمال ٿيل گاڏين ۽ اوزار به سرڪار ضبط ڪيا ويندا. اهڙيءَ طرح پيٽروليم ٺڪاڻن تي سائبر حملن يا ڊجيٽل مداخلت کي به ڏوهه جي دائري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن ڏوهن کي ضمانت نه ٿيڻ جوڳو قرار ڏيندي ٽرائل جو اختيار سيشن عدالتن کي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي.

مزید خبریں