پي ڊبليو ڊي جي ڪنهن به ملازم جي پگهار نه بند ۽ نه ئي روڪي وئي آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي جي کاتي کي صوبن جي صلاح مشوري سان بند ڪيو ويو آهي، انهن جي ڪنهن به ملازم جي پگهار نه بند ۽ نه ئي روڪي وئي آهي. وفاق ۾ ان جا ڪم سي ڊي اي حوالي ۽ صوبن ۾ پي آءِ ڊي سي ايل جا ڪم ڏسي رهي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي …

اسلام آباد-30 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي جي کاتي کي صوبن جي صلاح مشوري سان بند ڪيو ويو آهي، انهن جي ڪنهن به ملازم جي پگهار نه بند ۽ نه ئي روڪي وئي آهي. وفاق ۾ ان جا ڪم سي ڊي اي حوالي ۽ صوبن ۾ پي آءِ ڊي سي ايل جا ڪم ڏسي رهي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٻُڌايو ته پي ايس ڊي پي جا منصوبا صوبن ۾ اُتان جا ترقياتي ادارا ڪري رهيا آهن، 2024ع ۾ ان کي بند ڪيو ويو. سندس اسٽاف ۾ ٽيڪنيڪل ملازمن لاءِ گولڊن هينڊ شيڪ ۽ سرپلس پول ۾ اُماڻيو ويو، ڪنهن به ملازم جي پگهار بند نه ڪئي وئي آهي. انهن جي مينٽيننس اسٽاف کي صوبن حوالي ڪيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته پي ڊبليو ڊي کي بند ڪرڻ تي صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو.

مزید خبریں