لاهور-30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڀارتي هٽ ڌرمي آهي، آبي تڪرار ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن سفارتي ۽ قانوني قدم کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران …
سنڌ طاس معاهدو: پاڪستاني آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن سفارتي ۽ قانوني قدم کڻندو: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور-30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڀارتي هٽ ڌرمي آهي، آبي تڪرار ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن سفارتي ۽ قانوني قدم کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙيءَ کي هٽ ڌرمي قرار ڏيندي چيو آهي ته هي معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ اهم عالمي معاهدو آهي، جنهن جي پاسداري ٻنهي ملڪن تي لازمي اهي. هن چيو ته 1960ع ۾ عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سنڌ طاص معاهدو طئي ٿيو، معاهدي تحت اوڀر دريا ستلج، بياس ۽ راوي تي ڀارت جڏهن ته اولهه دريا سنڌ، جهلم ۽ چناب تي پاڪستان جو حق تسليم ڪيو ويو ۽ ڪنهن به ڌُر کي ان جي هڪطرفي طور تي ختم ڪرڻ جو اختيار ناهي. هن چيو ته ڀارت طرفان معاهدي جي ڀڃڪڙي خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائي سگهي ٿي ۽ـ اهي قدم عالمي قانونن جي ابتڙ آهن. هن چيو ته معاهدي جي هڪطرفي معطلي جو قدم پاڪستان جي آبي سلامتي، غذائي پيداوار ۽ توانائي جي استحڪام لاءِ وڏو خطرو آهي، جنهن جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن سفارتي ۽ قانوني قدم کڻندو ۽ ڪنهن هڪ طرفي قدم کي قبول نه ڪيو ويندو. هن عالمي برادري ۽ـ لاڳاپيل عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته هو ان معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ ڀارت کي معادي تي مڪمل عملدرآمد جو پابند بڻائين ته جيئن خطي ۾ امن جي قيام کي يقيني بڻائي سگهجي.











