اسلام آباد- 29مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي آفيس ۾ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ملاقات ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان خطي جي تبديل ٿيندڙ صوتحال ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي جاري ڪوششن تي مشاورت لاءِ سعودي عرب ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان پاران خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد- 29مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي آفيس ۾ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ملاقات ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان خطي جي تبديل ٿيندڙ صوتحال ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي جاري ڪوششن تي مشاورت لاءِ سعودي عرب ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل تاريخي ۽ برادراڻن لاڳاپن تي زور ڀريو. هن ٻطرفن لاڳاپن جي هاڪاري رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ترڪيه سان گڏ سهڪار کي وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.ان ڳالهين دوران ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ پراڻي اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جا رستا ڳولڻ تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن لاءِ پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ويجهي هم آهنگي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان۽ ترڪيه وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











