صوبن ۽ مقامي حڪومتن وچ ۾ اختيارن جي منتقلي لاءِ سڌارا ضروري آهن: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ساختي سڌارن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، صوبن ۽ مقامي حڪومتن وچ ۾ اختيارن جي منتقلي لاءِ سڌارن جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ايس ڊي پي آءِ ۽ يو اين ڊي پي جي انتظام هيٺ گورننس ۾ بهتري لاءِ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ساختي سڌارن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، صوبن ۽ مقامي حڪومتن وچ ۾ اختيارن جي منتقلي لاءِ سڌارن جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ايس ڊي پي آءِ ۽ يو اين ڊي پي جي انتظام هيٺ گورننس ۾ بهتري لاءِ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان وٽ ٽئلينٽ، رٿابندي ۽ بهترين پاليسين جي کوٽ ناهي مسئلو عملدرآمد ۾ آهي، پاڪستان کي گورننس ۾ بهتري جي ضرورت آهي، پاڪستان کي معاشي استحڪام کي ٽيڪ آف لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گورننس بهتر بڻائڻ کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي، مضبوط ادارا ئي ملڪ کي مضبوط بڻائين ٿا، 18هين آئيني ترميم تحت اختيارن جي منتقلي ڪئي وئي پر اهي اختيار صوبن کان مقامي حڪومتن ڏانهن منتقل نه ٿيا، صوبن ضلعي جي سطح تي اختيارن جي منتقلي نه ڪئي. احسن اقبال چيو ته مضبوط مقامي حڪومتون صوبن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون، بجيٽ ۾ رقم مختص ڪرڻ کان اڳ حاصل فائدن تي غور ڪرڻ گهرجي. مقامي حڪومتون عوام کي بهتر گورننس فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون، پاڪستان کي بهتر گورننس لاءِ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته تعليم، صحت ۽ روزگار لاءِ مقامي حڪومتون بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، منصوبابندي واري وزارت جي ڪوشش آهي ته اهڙا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا وڃن جن سان پائيدار  معاشي ترقي ۾ مدد ملي.

مزید خبریں