ٽرانس شپمنٽ سرگرمين ۾ اضافو، پاڪستان جي عالمي بحري صلاحيت کي اجاگر ڪري رهيو آهي: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري حڪومت جي مستقبل تي ٻڌل حڪمت عملي ۽ پورٽ اٿارٽيز جي غير معمولي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٽرانس شپمنٽ سرگرمين ۾ اضافو پاڪستان جي عالمي بحري صلاحيت کي اجاگر ڪري رهيو آهي ۽ ملڪي بندرگاهن کي واپار ۽ ڪاروبار جي مشهور مرڪز طور مستحڪم بڻائي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري حڪومت جي مستقبل تي ٻڌل حڪمت عملي ۽ پورٽ اٿارٽيز جي غير معمولي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٽرانس شپمنٽ سرگرمين ۾ اضافو پاڪستان جي عالمي بحري صلاحيت کي اجاگر ڪري رهيو آهي ۽ ملڪي بندرگاهن کي واپار ۽ ڪاروبار جي مشهور مرڪز طور مستحڪم بڻائي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽرانس شپمنٽ سرگرمين ۾ لڳاتار اضافو نئون سنگ ميل قائم ڪري رهيو آهي، هن ان ڪاميابي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ان اڳڀرائي سان سامونڊي شعبي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ طاقت جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن چيو ته عالمي چئلينجن باوجود پاڪستان لچڪ جو مظاهرو ڪندي ڪراچي پورٽ تي موقعن مان ڀرپور فائدو ورتو. اها ڪاميابي حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت جي ٽيمن جي اڻٿڪ محنت سبب حاصل ٿي آهي، ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ته انهن ڪوششن کي جاري رکيو ويندو ته جيئن پاڪستان کي علائقائي واپار ۽ ٽرانس شپمنٽ مرڪز طور وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم ۽ گوادر پورٽ سميت ٻين پاڪستاني بندرگاهن رڪارڊ ڪارڪردگي حاصل ڪئي آهي، وفاقي وزير اعلان ڪيو ته حڪومتي ويزن تحت وڌيڪ ٽي بندرگاهون تعمير ڪيون وينديون ۽ صنعتي توسيع ۽ سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ جديد انرجي سٽي قائم ڪئي ويندي. جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو، روزگار جي موقعن جي فراهمي، لاجسٽڪ خرچن ۾ گهٽتائي ۽ پاڪستان کي  خطي ۾ هڪ چٽاڀيٽي سامونڊي ۽ واپاري مرڪز بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جتي عالمي منڊي بحران جو شڪار آهن اتي پاڪستان سامونڊي شعبي ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڪراچي پورٽ تي ٽرانس شپمنٽ سرگرمين ۾ اضافو نظر آيو آهي، جيڪي عرب نار ۾ شپنگ جي علائقائي رڪاوٽن سبب جهازن جو پاڪستان ڏانهن رخ ڪرڻ جو نتيجو آهي.

مزید خبریں