وزيراعظم شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات

ڪراچي – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ سنڌ جو اڳوڻو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، قومي صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر فاروق ستار، سيد امين الحق ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير …

ڪراچي – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ سنڌ جو اڳوڻو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، قومي صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر فاروق ستار، سيد امين الحق ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير کيئل داس، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ سنڌ جو گورنر نهال هاشمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي خدمتن کي ساراهيو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان جي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ صوبي بشمول ڪراچي جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.

مزید خبریں