اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽي مختلف ادارن جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ بورڊ ميمبرن جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سميت لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن، ريگيوليٽري ادارن جي …
سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽي مختلف ادارن جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ بورڊ ميمبرن جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽي مختلف ادارن جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ بورڊ ميمبرن جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽيءَ جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سميت لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن، ريگيوليٽري ادارن جي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ريلوي ڊويزن طرفان پيش ڪيل سمريءَ تي غور ڪندي ٿر ڪول ريل ڪنيڪٽوٽي پراجيڪٽ لاءِ قائم اسپيشل پرپز وهيڪل (ايس پي وي) جي بورڊ آف ڊائريڪٽر ۾ 4 آزاد ۽ 3 عهدو رکندڙ ميمبرن جي منظوري ڏني وئي، هي منصوبو سنڌ حڪومت سان گڏيل طور عملدرآمد جي مرحلي ۾ آهي. بورڊ نامينيشن ڪميٽي ڄاڻايل پينل جي پهرين جائزو وٺي سفارش ڪئي هئي بعد ۾ ان کي وزيراعظم به منظور ڪري ورتو. ڪميٽي فنانس ڊويزن طرفان پيش ڪيل هڪ ٻي سمري جو جائزو وٺندي هاڻوڪي اڳڀرائي جي روشنيءَ ۾ سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نظم و نسق جي فريم ورڪ ۾ تبديلين سبب پاڪستان سيڙپ لميٽيڊ کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته هي ادارو هاڻ غير ضروري ٿي چڪو هو. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان سوئي ناردرن، سوئي سدرن ۽ توانائيءَ جي شعبي جي ڪيترن ئي سرڪاري ادارن وچ ۾ عالمي مالياتي رپورٽنگ معيار لاڳو ڪرڻ کان آجو هئڻ جي درخواست بابت سمري جو به جائزو ورتو ويو. ڪميٽي تفصيلي غور ويچار کانپوءِ لا ڊويزن، ايس اي سي پي، پيٽروليم ڊويزن ۽ نجڪاري ڊويزن جي عملدارن تي ٻَڌل ڪميٽيءَ ذريعي ان معاملي جو وڌيڪ جائزو وٺڻ ۽ پوءِ ان معاملي کي ٻيهر ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن جي هڪ ٻي سمريءَ تي غور ڪندي پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. هيءَ تجويز بورڊ جي نامينيشن ڪميٽي جي سفارشن ۽ وزيراعظم جي منظوريءَ جي بنياد تي پيش ڪئي وئي هئي جنهن کي سرڪاري ملڪيتي اداره جات ايڪٽ 2023ع ((SOEs Act, 2023 جي قلمن موجب منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ آزاد ڊائريڪٽرز جي مقرري بابت هڪ ٻي سمري به غور هيٺ آئي. ڪميٽيءَ نوٽ ڪيو ته ان معاملي ۾ ايس او ايز ايڪٽ 2023ع جا قلم لاڳو ناهن ٿيندا، ان ڪري هدايت ڏني وئي ته ان معاملي کي سڌيءَ ريت ڪابينه کي غور لاءِ موڪليو وڃي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي سمريءَ تي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. اميدوارن جي سَندن جي جاچ پڙتال مڪمل ٿيڻ ۽ پينل کي وزيراعظم جي منظوري ملڻ کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪامرس ڊويزن جي سمريءَ تي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ هڪ خالي آساميءَ تي آزاد ڊائريڪٽر جي مقرريءَ جي منظوري ڏني وئي، هي نامزدگي مقرر چونڊ عمل ۽ ضروري جاچ پڙتال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ منظور ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح اجلاس ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي بورڊ ۾ هڪ خالي آساميءَ تي يوسف خان کي ٽرسٽي ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. هي مقرري بورڊ نامينيشن ڪميٽيءَ جي سفارشن ۽ وزيراعظم جي منظوري جي بنياد تي لاڳاپيل قانوني ۽ گورننس گهرجن موجب ڪئي وئي.











