اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي تعاون سان جاري پروگرام تحت سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلي معيشت جو استحڪام برقرار رکڻ ۽ ڍانچه جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولوس …
پاڪستان آءِ ايم ايف جي تعاون سان جاري پروگرام تحت سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي تعاون سان جاري پروگرام تحت سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلي معيشت جو استحڪام برقرار رکڻ ۽ ڍانچه جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولوس گالي سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وزير چيو ته خاص ڪري اقتصادي تعاون، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيداريءَ جي شعبن ۾ پاڪستان فرانس سان پنهنجي پُراڻن ۽ گهڻ رُخن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏئي رهيو آهي. هن سفير کي حڪومت جي جاري اقتصادي ترجيحن جي باري ۾ آگاهه ڪيو جن ۾ بدليل عالمي ۽ علائقائي چئلينجز باوجود وڏي محنت سان حاصل ڪيل ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ جون ڪوششون شامل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت صورتحال تي لاڳيتو نظر رکيو پئي اچي ۽ اقتصادي ڪاميابين جي تحفظ، اهم سپلاءِ چينز جي تسلسل کي يقيني بنائڻ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ وقت سر پاليسي قدمن جي تياري ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ پاڪستان جي عالمي مالياتي فنڊ جي ادارن سان رابطن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ جي تعاون سان جاري پروگرام تحت پنهنجي سڌارا جاتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان پاڪستان جي مسلسل اڳڀرائي تسلي بخش آهي، فنڊ سان جاري ڳالهيون تعميري نوعيت جون آهن ۽ مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن. فرانس جي سفير حڪومت طرفان اقتصادي استحڪام ۽ سڌارن لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ قدمن کي ساراهيو ۽ پرڏيهي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ثابت قدمي جي تائيد ڪئي. هن پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ لاءِ فرانس جي مسلسل حمايت کي ورجايو ۽ اهم شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ملاقات ۾ بدليل عالمي صورتحال ۽ ان جا عالمي توانائي مارڪيٽن ۽ اقتصادي حالتن تي امڪاني پوندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت اڳڀرائيءَ تي گهري نظر رکي رهي آهي ۽ لاڳاپيل ڌُرين سان رابطي ۾ آهي ته جيئن توانائيءَ جي فراهمي ۽ قيمتن بابت امڪاني خطرن جو مؤثر انتظام ڪري سگهجي. هن چيو ته اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مناسب پاليسي قدمن کي يقيني بنايو پيو وڃي.











