حڪومت وڪيل برادريءَ کي جديد سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت وڪيل برادريءَ کي جديد سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ بار ايسوسيئيشنز جا مسئلا حل ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي. ملتان ۽ پنڊي ڀٽيان بار ايسوسيئيشنز جي وفدن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي هن چيو ته بارز لاءِ اِي لائبريري جو قيام وقت جي اهم ضرورت …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت وڪيل برادريءَ کي جديد سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ بار ايسوسيئيشنز جا مسئلا حل ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي. ملتان ۽ پنڊي ڀٽيان بار ايسوسيئيشنز جي وفدن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي هن چيو ته بارز لاءِ اِي لائبريري جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي جنهن سان وڪيلن کي جديد قانوني مواد تائين فوري ۽ آسان رسائي حاصل ٿي سگهندي. هن ٻُڌايو ته ان منصوبي کي منظوريءَ لاءِ سپريم ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ ڪوشش آهي ته اهي سهولتون هاءِ ڪورٽ کان وٺي ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقي سطح تائين فراهم ڪيون وڃن. وفاقي وزير چيو ته ملتان بارز جي وڪيلن جي نادرا رجسٽريشن بابت درپيش مسئلن کان آگاهه آهيان ۽ ان جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن سان فوري رابطو ڪيو ويندو ته جيئن وڪيلن کي بنا دير سهولتون ميسر اچي سگهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت بارز ايسوسيئيشنز جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور تعاون جاري رکندي، ڇاڪاڻ ته مضبوط ۽ بااختيار وڪيل برادري انصاف جي نظام جي بهتريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

مزید خبریں