اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ سلطنت عمان جي سفير فهد بن سلمان بن خلف الخروسي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ۾ توانائيءَ جي بدليل صورتحال ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عمان وچ …
پيٽروليم واري وفاقي وزير سان عمان جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ سلطنت عمان جي سفير فهد بن سلمان بن خلف الخروسي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ۾ توانائيءَ جي بدليل صورتحال ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ پُراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل تاريخ، گڏيل احترام ۽ مضبوط عوامي رابطن تي ٻَڌل آهن. هن ٻه طرفي توانائي حصيداريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ تعاون جا نوان شعبا تلاش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ملاقات دوران سفير کي پاڪستان طرفان توانائي درآمدات ۾ جدت آڻڻ ۽ رسد جي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو، خاص ڪري بدليل علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آبناءِ هرمز کان ٻاهر متبادل رستن ۽ ذريعن جي تلاش تي زور ڀريو. سفير پاڪستان طرفان تنوع جي پاليسيءَ کي ساراهيندي چيو ته عمان پاڪستان جي توانائي سلامتيءَ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ تعاون لاءِ تيار آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته عمان پاڪستان جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي توانائي ڪارگوز فراهم ڪرڻ جي درخواست تي غور ڪندو. سفير مثبت ردِعمل ڏيندي خاطري ڪرائي ته ان درخواست تي همدردانه غور ڪيو ويندو. مارچ مهيني دوران عمان جي بندرگاهن مان 3 پيٽرول ۽ هڪ ڊيزل ڪارگو جي آمد ٿي چڪي آهي جڏهن ته مارچ ۾ وڌيڪ 2 پيٽرول ڪارگو عمان جي بندرگاهن کان درآمد ڪيا ويندا. ملاقات ۾ اپ اسٽريم سيڪٽر ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي موقعن کي تلاش ڪرڻ ۽ پيداوار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تيل ۽ گيس جي ترقياتي منصوبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. اهو ٻُڌايو ويو ته پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ عمان ٽريڊنگ انٽرنيشنل (او ڪيو ٽي) وچ ۾ پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ واڌو تيل جي ڪارگوز جي امڪانن تي تعميري ڳالهه ٻولهه جاري آهي. ڌُرين توانائيءَ جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل فائدي لاءِ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو.











