ڪراچي – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽري شيري رحمان جي رهائشگاهه تي وڃي ساڻس سندس ڌيءُ ماروي ملڪ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مجب وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر شيري رحمان سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان اولاد جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک والدين جي لاءِ ناقابل …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽري شيري رحمان جي رهائشگاهه آمد، ڌيءُ ماروي ملڪ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽري شيري رحمان جي رهائشگاهه تي وڃي ساڻس سندس ڌيءُ ماروي ملڪ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مجب وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر شيري رحمان سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان اولاد جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک والدين جي لاءِ ناقابل برداشت هوندو آهي جنهن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ نه آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جو گورنر نهال هاشمي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.











