نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ذخيرن ۽ وچ اوڀر جي جاري صورتحال جي ڏس ۾ تيارين جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ وٽ پيٽروليم مصنوعات جا وڏا …

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ذخيرن ۽ وچ اوڀر جي جاري صورتحال جي ڏس ۾ تيارين جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ وٽ پيٽروليم مصنوعات جا وڏا ذخيرا موجود آهن جيڪي اپريل جي مهيني ۽ ان کانپوءِ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. هن موجوده سپلاءِ جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ويجهو رابطو برقرار رکيو وڃي، بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ايندڙ هفتن ۾ مناسب سپلاءِ جي تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باوجوه، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽرين، صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں