اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سرينگر جي تاريخي جامع مسجد جي مسلسل بندش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان عبادتگاهن کي باجماعت نماز ادا ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي جيڪا ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مذهبي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ …
پاڪستان پاران سرينگر جي تاريخي جامع مسجد جي مسلسل بندش جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سرينگر جي تاريخي جامع مسجد جي مسلسل بندش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان عبادتگاهن کي باجماعت نماز ادا ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي جيڪا ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مذهبي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدم کانپوءِ مسلسل ستين سال به قابض انتظاميا سرينگر جي تاريخي جامع مسجد کي سيل ڪري رکيو آهي ۽ ڪشميري مسلمانن کي ان روحاني اهميت رکندڙ ڏينهن تي اجتماع کان روڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙي نوعيت جون پابنديون خاص طور تي رمضان المبارڪ دوران شديد ڳڻتي جو سبب آهن. پاڪستان گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سميت عالمي برادري تي زور ڏنو ته اهي ان صورتحال جو نوٽيس وٺن ۽ ڀارت کان مطالبو ڪن ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مذهبي آزادي جي بنيادي حق جو احترام ڪري.











