وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار سان پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جاسم المبير ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون. صنعت ۽ پيداواري وارت پاران جاري ڪيل بيان موجب هارون اختر خان ان موقعي تي چيو ته ڪويت پاڪستان جو برادر ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جاسم المبير ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون. صنعت ۽ پيداواري وارت پاران جاري ڪيل بيان موجب هارون اختر خان ان موقعي تي چيو ته ڪويت پاڪستان جو برادر ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ۽ پراڻا لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته وزير اعظم ميان محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف نار ملڪن کي اضافي خوراڪ جي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ خصوصي ڪميٽيون جوڙيون آهن جڏهن ته پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي به زور ڀريو پيو وڃي. هارون اختر خان جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ اهڙي وڏي مارڪيٽ آهي جيڪا قدرتي وسيلن ۽ خوبصورتي سان مالا مال آهي ۽ حڪومت ڪويت سان سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن نار وارن ملڪن سان رابطن کي هٿي ڏئي گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ آهي. ڪويت جي سفير مشڪل حالتن ۾ پاڪستاني عوام جي تعاون کي ساراهيندي ٿورو مڃيو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪويت خوراڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ واپار جي شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ملاقات دوران ان ڳالهه تي به پڻ اتفاق ڪيو ويو ته موبائيل فون ڊوائيسز، لاجسٽڪس، ڪارگو ۽ ٽرانسپورٽيشن جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.

مزید خبریں