اسلام آباد - 26 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب، گڏيل امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا واري ناڻي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 14.136 …
سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ ترسيل پاڪستانين جي ڏيهه موڪيل مٽاسٽا واري ناڻي ۾ اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب، گڏيل امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا واري ناڻي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 14.136 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ميٽا سٽا جو ناڻو ملڪ موڪليو آھي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 7.44 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 13.157 ارب ڊالرن جو ناڻو ملڪ موڪليو ھو، مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ سعودي عرب مان مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 6.168 ارب ڊالر، گڏيل عرب امارات مان 5.443 ارب ڊالرز ۽ ڪويت، قطر، بحرين سميت نار سھڪار ڪائونسل جي ٻين ميمبر ملڪن مان پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 2.525 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو آھي. گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ سعودي عرب مان ڏيهه موڪليل مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.897 ارب ڊالرز، يو اي اي مان 4.863 ارب ڊالرز ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ٻين ملڪن من اماڻيل پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 2.397 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو. مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ ملڪ جي مجموعي پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 26.48 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي ڏيهه اماڻيل پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جي شرح 53.38 سيڪڙو جي ويجھو آھي. گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل مجموعي پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جي ڳاڻيٽو 23.967 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه موڪليل پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 13.157 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل سال ملڪ جي مجموعي پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار سھڪار ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي ڏيهه موڪليل مٽاسٽا واري ناڻي جي شرح 54.90 سيڪڙو رھي ھئي.











