نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل شام اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي هم منصبن موجوده علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي مفاد …

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل شام اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي هم منصبن موجوده علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ سمورين ڪوششن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ صورتحال تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں