وفاقي گهرو وزير پاران اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر جو دورو، فائونڊيشن جي قيام جي منظوري، تعليمي ادارن ۾ منشيات خلاف آگاهي وڌيڪ اثرائتي بڻائڻ جو حڪم

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير  محسن نقوي اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس (اي اين ايف ) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، ڊي جي اي اين ايف ميجر جنرل عبدالمعيد سندس استقبال ڪيو . دوري دوران وفاقي وزيري تعمير هيٺ ” نيشنل ڪائونٽر نارڪوٽيڪس ڪوآرڊينيشن سينٽر “ جو معائنو ڪيو ۽ اي اين ايف هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد اهم اجلاس جي صدارت ڪئي . اجلاس دوران وفاقي …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير  محسن نقوي اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس (اي اين ايف ) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، ڊي جي اي اين ايف ميجر جنرل عبدالمعيد سندس استقبال ڪيو . دوري دوران وفاقي وزيري تعمير هيٺ ” نيشنل ڪائونٽر نارڪوٽيڪس ڪوآرڊينيشن سينٽر “ جو معائنو ڪيو ۽ اي اين ايف هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد اهم اجلاس جي صدارت ڪئي . اجلاس دوران وفاقي وزير کي اي اين ايف جي ڪارڪردگي ، آپريشنز ۽ فعال ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي . بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منشيات جي ڏوهارين ۾ سزا جي شرح 82 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي . جڏهن ته منشيات جي مڪروهه ڌندي ۾ ملوث 22 ملڪي ۽ 9 پرڏيهي ڊرگ ٽريفڪنگ آرگنائزيشنز کي ڪاميابي سان ٽوڙيو ويو آهي . ان کان علاوه  (ڏوڏي ) جي فصل جي پوک جي خاتمي جي حوالي سان ڪيل قدمن تي به روشني وڌي وئي . وفاقي وزير محسن نقوي نئين  نسل کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ لاءِ هر سطح تي ڀرپور ڪريڪ ڊائون جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال خلاف آگاهي مهم کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو .هن  گهٽ وسيلن ۽ افرادي سگهه باوجود اي اين ايف جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيو . ان موقعي تي وفاقي وزير ملازمن جي ڀلائي لاءِ ” اي اين ايف فائونڊيشن “ جي قيام لاءِ اصولي منظوري به ڏني . اجلاس جي شروعات ۾ اي اين ايف جي تازو شهيد ٿيل 6 شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي . وفاقي گهرو وزير شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ اي اين ايف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.

مزید خبریں