برطانيا جي عالمي واپاري نظام ۾ اسرندڙ ملڪن جي وڌيڪ اثرائتي شموليت ۾ مدد لاءِ 13 ملين پائونڊن جي امداد جو اعلان

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) برطانيا اسرندڙ ملڪن جي عالمي واپاري نظام ۾ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ حصو وٺڻ ۾ مدد لاءِ 13 ملين پائونڊن جي امداد جو اعلان ڪيو آھي، ان حوالي سان عالمي واپاري تنظيم (ڊبليو ٽي او) جي فشرير فنڊ کي 10 لک پائونڊ منتقل ڪري ڇڏيا آھن. ڊبليو ٽي او طرفان جاري ڪيل بيان مطابق 13 ملين پائونڊن جي اھا مدد سرڪاري ترقياتي امداد تحت …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) برطانيا اسرندڙ ملڪن جي عالمي واپاري نظام ۾ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ حصو وٺڻ ۾ مدد لاءِ 13 ملين پائونڊن جي امداد جو اعلان ڪيو آھي، ان حوالي سان عالمي واپاري تنظيم (ڊبليو ٽي او) جي فشرير فنڊ کي 10 لک پائونڊ منتقل ڪري ڇڏيا آھن. ڊبليو ٽي او طرفان جاري ڪيل بيان مطابق 13 ملين پائونڊن جي اھا مدد سرڪاري ترقياتي امداد تحت فراھم ڪئي پئي وڃي ته جيئن اسرندڙ معيشتون عالمي واپاري نظام ۾ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ حصو وٺي سگھن. برطانيا جي واپار واري وزير ڪرس برينٽ 14 ھين ڊبليو ٽي او وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٻڌايو ته فنڊنگ پيڪيج کي ست اھم منصوبن ۾ ورهايو ويندو جيڪو اسرندڙ معيشتن ۾ شراڪتدار حڪومتن ۽ ڪاروباري ادارن سان سڌي ريت ڪم ڪندو. ھن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي عالمي واپاري نظام ۾ اثرائتو بڻائڻ لاءِ برطانيا پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته واپار ئي ترقي کي ھٿي وٺائڻ ۽ موقعا پيدا ڪرڻ جو سڀ کان وڏو طاقتور ذريعو آھي، ايڊ فار ٽريڊ پروگرامن ۾ اھا سيڙپڪاري ان ڳالھه جو ثبوت آھي ته برطانيا اھڙي عالمي واپاري نظام لاءِ پرعزم آھي، جيڪو رڳو امير ملڪن ئي نه پر  سڀ لاءِ ڪم ڪري. ھن چيو ته اسرندڙ ملڪن سان گڏجي واپار جي رڪاوٽن کي ختم ڪري اسان برطانوي ڪاروبارن لاءِ نوان مارڪيٽ کولي رھيا آھن، جڏھن ته اتي معاشي ترقي کي به ھٿي وٺائي رهيا آھيون، جتي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضورورت آھي.سندس  چوڻ ھو ته ھڪ مضبوط ۽ منصفاڻو گھڻ رخو واپاري نظام اسان سڀ لاءِ فائدي مند آھي.

مزید خبریں