اسلا آباد-26 مارچ (اي پي پي)عالمي بئنڪ چيو آهي ته زرعي جنسن جي عالمي قيمتن ۾ سال 2026ع دوران مجموعي طو رتي معمولي گهٽتائي جو اميد آهي، عالمي بئنڪ جي زرعي قيمتن جي اهڃاڻن بابت رپورٽ موجب سال 2026ع ۾ زرعي جنسن جي عالمي قيمتن ۾ اٽڪل 2 سيڪڙو گهٽتائي متوقع آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خوراڪ ۽ زرعي ڪچي مال جون قيمتون مجموعي طور مستحڪم رهڻ جي …
زرعي جنسن جي عالمي قيمتن ۾ سال 2026ع دوران مجموعي طور تي معمولي گهٽتائي جو اميد آهي: عالمي بئنڪ

مزید خبریں
اسلا آباد-26 مارچ (اي پي پي)عالمي بئنڪ چيو آهي ته زرعي جنسن جي عالمي قيمتن ۾ سال 2026ع دوران مجموعي طو رتي معمولي گهٽتائي جو اميد آهي، عالمي بئنڪ جي زرعي قيمتن جي اهڃاڻن بابت رپورٽ موجب سال 2026ع ۾ زرعي جنسن جي عالمي قيمتن ۾ اٽڪل 2 سيڪڙو گهٽتائي متوقع آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خوراڪ ۽ زرعي ڪچي مال جون قيمتون مجموعي طور مستحڪم رهڻ جي اميد آهي ڇاڪاڻ ته پهچ ۾ اضافو گهرج جي برابر رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ مشروبات جي قيمتن ۾ اٽڪل 7 سيڪڙو جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن جو بنيادي سبب پهچ ۾ اضافو آهي، مجموعي طور تي قيمتن جي حوالي سان خطرا متوازن آهن. شديد موسمي حالتون، آمريڪا سان جڙيل جنسون خاص طور تي سويابين تي واپاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ پيدواري لاڳت خاص ڪري ڀاڻ سازي لاءِ قدرتي گئس ۾ اضافو قيمتن کي مٿي وٺي وڃي سگهي ٿو. ٻئي طرف بايو فيول جي گهرج ۾ گهٽتائي ۽ عالمي معاشي سستي قيمتن کي گهٽائي سگهي ٿي. رپورٽ موجب عالمي معاشي سرگرميون اميد کان گهٽ رهڻ سبب جنسن جي طلب ۾ گهٽتائي ايندي، جنهن سان خوراڪ جي قيمتن تي دٻاءُ پوندو ۽ خاص طور تي کاڄرو تيل ۽ وڏي گوشت جون قيمتون وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿيون، رپورٽ موجب آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ لاهن چاڙهن جو سبب به جنسن جي قيمتن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.











