اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي)سينيٽ ۾ پارلياماني سال 26-2025ع جي 112 ڏينهن ۾ 64 ويهڪون ٿيون جن جو وقت 158 ڪلاڪ 53 منٽ رهيو جڏهن ته گڏيل اجلاسن سميت پارلياماني سرگرمين جو ڪل وقت161 ڪلاڪ 43 منٽ رهيو، جيڪو مسلسل ۽ فعال قانونسازي جي عڪاسي ڪري ٿو. سينيٽ طرفان جاري پارلياماني سال 26-2025ع جي سالياني رپورٽ ۾ 12 مارچ 2025ع کان 11 مارچ 2026ع تائين سينيٽ جي ڪارڪردگي جو جامع …
سينيٽ کي گذريل پارلياماني سال دوران قانونسازي، حڪومتي جوابدهي، پارلياماني سفارتڪاري ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ٿيون: سالياني رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي)سينيٽ ۾ پارلياماني سال 26-2025ع جي 112 ڏينهن ۾ 64 ويهڪون ٿيون جن جو وقت 158 ڪلاڪ 53 منٽ رهيو جڏهن ته گڏيل اجلاسن سميت پارلياماني سرگرمين جو ڪل وقت161 ڪلاڪ 43 منٽ رهيو، جيڪو مسلسل ۽ فعال قانونسازي جي عڪاسي ڪري ٿو. سينيٽ طرفان جاري پارلياماني سال 26-2025ع جي سالياني رپورٽ ۾ 12 مارچ 2025ع کان 11 مارچ 2026ع تائين سينيٽ جي ڪارڪردگي جو جامع جائزو پيش ڪيو ويو آهي. اها رپورٽ سينيٽ جي آئيني مينڊيٽ جي سمورن رخن سميت قانونسازي، انتظامي نگراني، اداره جاتي استحڪام ۽ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪاميابين جي عڪاسي ڪري ٿي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري رپورٽ موجب پارلياماني سال ۾ جتي ٻين شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي اتي اهو پارلياماني سال اسلام آباد ۾ پهرين بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) ڪامياب منعقد ٿيڻ سبب منفرد رهيو، جنهن ذريعي پاڪستان عالمي پارلياماني ڳالهين ۽ سهڪار جي مرڪز طور اڀريو. پارلياماني سال دوران سينيٽ جا 12 اجلاس منعقد ٿيا جڏهن ته پارليامينٽ جا 3 گڏيل اجلاس به ٿيا، مجموعي طور تي پارلياماني سال جي 112 ڏينهن ۾ 64 ويهڪون ٿيون جن جو وقت 158 ڪلاڪ 53 منٽ رهيو. گڏيل اجلاسن سميت پارلياماني سرگرمين جو ڪل وقت161 ڪلاڪ 43 منٽ رهيو، جيڪو مسلسل ۽ فعال قانونسازي جي عڪاسي ڪري ٿو، ان دوران ميمبرن جي حاضري به تسلي بخش رهي، سڀ کان وڌيڪ حاضري 355 هين اجلاس ۾ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ 88 سينيٽرز شريڪ ٿيا جڏهن ته في ويهڪ سراسري حاضري 55 سينٽرز رهي. پرائيويٽ ميمبر ڊي جا 11 ڏينهن به منعقد ڪيا ويا، جنهن سبب نجي قانونسازي لاءِ اثرائتا موقعا فراهم ٿيا. سينيٽ قانونسازي جي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ مجموعي طور تي 17 مسودا حڪومت پاران پيش ڪيا ويا جن مان 14 منظور ٿيا جڏهن ته قومي اسيمبلي کان مليل 31 بلن تي غور ڪيو ويو. اهڙي طرح مجموعي طور تي 33 بل منظور ڪيا ويا، نجي ميمبرن جي شموليت به ذڪر جوڳوي رهي، جنهن 40 بل پيش ڪيا جيڪي قانونسازي جي عمل ۾ شموليتي نوعيت کي ظاهر ڪري ٿو. خاص طور تي آئيني (27 هين ترميم) بل 2025ع سال جي اهم آئيني اڳڀرائي طور سامهون آيو. قومي سلامتي، عدالتي سڌارا، معاشي حڪمراني، انساني حق، ميڊيا ۽ سماجي ڀلائي بابت وسيع قانونسازي قومي ترجيحن سان سينيٽ جي وابستگي کي اجاگر ڪيو. سينيٽ سوال ۽ جواب جي فعال نظام ذريعي پنهنجي نگراني جي ذميواري اثرائتي انداز ۾ ادا ڪئي. مجموعي طور تي 1157 نشاندار سوال مليا جن مان 479 جا جواب ايوان ۾ ڏنا ويا، 85 ٺهراءُ پيش ڪيا جن مان 19 منظور ٿيا جڏهن ته 15 متفقه طور منظور ٿيا، جيڪي قومي ۽ عالمي معاملن تي هم اهنگي جي عڪاسي ڪن ٿا. 119 رٿون به مليون جن ۾ معاشي ڪارڪردگي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ، علائقائي ترقي جهڙن اهم عوامي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو. سينيٽ جي 38 اسٽينڊنگ ۽ فنڪشڪل ڪميٽين 346 اجلاس منعقد ڪيا جن جو مجموعي وقت 780 ڪلاڪن کان وڌيڪ رهيو، ۽ انهن ڪميٽين ايوان ۾ 106 رپورٽون پيش ڪيون، انهن ڪميٽين قانونسازي جي جائزي، بجيٽ جي ڇنڊڇاڻ ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي نگراني ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.خاص طور تي ناڻي ۽ روينيو، اقتصادي معاملن ۽ گهرو معاملن جي ڪميٽين نمايان سرگرميون ڏيکاريون. سينيٽ سڄي دنيا ۾ 37 پارلياماني وفدن جي ميزباني ۽ شرڪت کي ممڪن بڻايو ۽ اهم عالمي فورمن ۾ فعال شرڪت ذريعي موسمياتي تبديلي، امن ۽ پائيدار ترقي جهڙن مسئلن تي پاڪستان جو موقف اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو. اعليٰ سطحي ٻطرفن رابطن ۽ 43 سفارتي ملاقاتن پارلياماني سفارتڪاري کي وڌيڪ مضبوط ڪيو جڏهن ته نئين اداره جاتي حصيداري ۽ عالمي ميمبرشپس سينيٽ جي عالمي حيثيت کي مستحڪم ڪيو. 10 کان 12 نومبر 2025ع پهرين بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ پارلياماني سال جي وڏي ڪاميابي قرار ڏني وئي. ان ڪانفرنس ۾ 33 ملڪن جي 153 نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ”امن، سلامتي ۽ ترقي“ جي موضوع تي غور ڪيو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز جي انتظام هيٺ تربيتي پروگرامن پارلياماني مهارت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي هٿي ڏني، ميڊيا پهچ ۾ بهتري سبب پارلياماني ڪاررواين ۽ عالمي سرگرمين جي شفاف ۽ اثرائتي ڪوريج يقيني بڻائي وئي، جنهن سان عوامي اعتماد ۽ عالمي سطح تي سينيٽ جي نمائندگي وڌيڪ مضبوط ٿي. سالياني رپورٽ 26-2025ع سينيٽ آف پاڪستان جي غير معمولي ڪاميابين جي عڪاسي ڪري ٿي. سينيٽ مستقبل ۾ به انهن ڪاميابين کي اڳتي وڌائيندي پاڪستان جي عوام ۽ وفاق جي خدمت ، ديانت ۽ ويزن سان جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.











