مواصلات واري وفاقي وزير سان ايران جي سفير جي ملاقات، ٻه طرفي واپار بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد- 26 مارچ (اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال ٻه طرفي واپاري معاملن ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان ايران جي سپريم ليڊر ۽ عوام سان  جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. …

اسلام آباد- 26 مارچ (اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال ٻه طرفي واپاري معاملن ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان ايران جي سپريم ليڊر ۽ عوام سان  جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم ايران ۽ ايراني عوام جي جذبن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. عبدالعليم خان جو چوڻ آهي ته گذريل 26 ڏينهن ۾ ايران جرئت ۽ حوصلي جو نئپن مثال قائم ڪيو آهي. وفاقي وزير مستقبل ۾ بهتري لاءِ ايران لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به ڏنو. ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم وفاقي وزير پاران فوري تعزيتي پيغام موڪلڻ تي شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۽ عظيم پاڪستاني قوم جو شڪريو ادا ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته پهريان وانگر ايران کي به هن ڀيري ڪاميابي نصيب ٿيندي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مختلف واپاري ۽ ٻه طرفن معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻڻ مختلف شعبن ۾ پاڪ _ ايران لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں