حج جي خواهشمندن لاءِ ”پاڪ حج ايپ “ بيمارين بابت سوالنامو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد- 26 مارچ (اي پي پي)مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت حج 2026 لاءِ چونڊيل 119,000 پاڪستاني حج جي خواهشمندن لاءِ ڊجيٽل طبي رڪارڊ فراهم ڪرڻ لازمي قرار ڏيندي  "پاڪ حج ايپ" تي ميڊيڪل  سوالنامو جاري ڪيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ موجب اها ڊيٽابيس سعودي حڪومت جي تعاون سان تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن حج دوران درپيش  جسماني مشقت ۽ هنگامي حالتن جي صورت …

اسلام آباد- 26 مارچ (اي پي پي)مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت حج 2026 لاءِ چونڊيل 119,000 پاڪستاني حج جي خواهشمندن لاءِ ڊجيٽل طبي رڪارڊ فراهم ڪرڻ لازمي قرار ڏيندي  "پاڪ حج ايپ” تي ميڊيڪل  سوالنامو جاري ڪيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ موجب اها ڊيٽابيس سعودي حڪومت جي تعاون سان تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن حج دوران درپيش  جسماني مشقت ۽ هنگامي حالتن جي صورت ۾ حاجين کي فوري ۽ صحيح طبي مدد فراهم ڪري سگهجي. ان لاءِ سڀني حاجين کي آخري هدايتون ڏنيون ويون آهن ته اهي ايندڙ 36 ڪلاڪن (جمعي) اندر پنهنجي صحت جا تفصيل جمع ڪرائين. وزارت واضح ڪيو آهي ته هي سوالنامو حج زائرين کي طبي سهولتن جي مربوط فراهمي ۾ اهم مددگار ثابت ٿيندو. ان ۾ شوگر، هاءِ بلڊ پريشر، ٿائرائيڊ، دمو ۽ دل جي بيمارين جهڙيون دائمي بيماريون ان ۾ رجسٽرڊ ڪيون وينديون ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ طبي عملو حاجين جي طبعيت ۽ تاريخ کان واقف هجي. سڀني حاجين کي انهن بيمارين جي سامهون واري خاني ۾ ها چونڊڻ گهرجي جيڪڏهن انهن کي اها بيماري آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي اها بيماري ناهي ته نه چونڊڻ گهرجي. ترجمان موجب، پاڪ حج ايپ کي هڪ مڪمل "ون ونڊو آپريشن” پورٽل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ حج ويزا پرنٽ ڪرڻ لاءِ هڪ سڌو لنڪ فعال ڪيو ويو آهي ته جيئن حج ويزا حاصل ڪري سگهجي. حاجي پنهنجي مخصوص اڏامن جو شيڊول ۽ وقت پڻ ايپ تي ڏسي سگهندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت مرحليوار  نئين معلومات ۽ هدايتون شامل ڪري رهي آهي. حج پانڌيئڙن کي ڪنهن به پريشاني کان بچڻ لاءِ "پاڪ حج 2026” موبائل ايپ سان جڙيل رهڻ جو چيو ويو آهي  ۽ جمعي تائين پنهنجو طبي پروفائل لازمي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں