وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيني سفير جيانگ زيڊونگ جي مُلاقات، سي پيڪ 2.0 کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت، صنعتي تعاون ۽ انفراسٽرڪچر جي ترجيحي منصوبن تي ڌيان ڏيندي سي پيڪ 2.0 کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجائيندي چين سان ويجهي هم آهنگي جاري رکڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيني سفير جيانگ زيڊونگ خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ان …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت، صنعتي تعاون ۽ انفراسٽرڪچر جي ترجيحي منصوبن تي ڌيان ڏيندي سي پيڪ 2.0 کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجائيندي چين سان ويجهي هم آهنگي جاري رکڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيني سفير جيانگ زيڊونگ خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جا خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيني قيادت کي "ٽو سيشنز” جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جو پاڪستان جي ڏهاڙي تي گرمجوشي سان مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا ادا ڪيو. چين جي مستحڪم معاشي مدد کي ساراهيندي وزيراعظم زراعت، صنعتي تعاون ۽ انفراسٽرڪچر ۾ ترجيحي منصوبن تي ڌيان ڏيندي سي پيڪ 2.0 کي اڳتي وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. چيني سفير جيانگ زيڊونگ پاڪستان جي اقتصادي سگهه ۽ سڌارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چين جي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان تعاون کي ورجايو. ٻنهي ڌرين جاري ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي اعليٰ سطحي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي هم آهنگي جاري رکڻ تي زور ڏنو ۽ پائيدار پاڪ-چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں