اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام حريت اڳواڻ آسيه اندرابيءَ کي عمرقيد، جڏهن ته فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي 30-30 سال قيد جون سزائون ٻُڌائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هي فيصلو انصاف جي گُهرجن، عالمي قانونن ۽ بنيادي انساني حقن جي کُليل ڀڃڪڙي آهي. هن وڌيڪ چيو ته والاريل …
انجنيئر امير مقام پاران حريت اڳواڻ آسيه اندرابيءَ کي عمرقيد، جڏهن ته فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي 30-30 سال قيد جون سزائون ٻُڌائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام حريت اڳواڻ آسيه اندرابيءَ کي عمرقيد، جڏهن ته فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي 30-30 سال قيد جون سزائون ٻُڌائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هي فيصلو انصاف جي گُهرجن، عالمي قانونن ۽ بنيادي انساني حقن جي کُليل ڀڃڪڙي آهي. هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون فوري طور بند ڪيون وڃن. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هي فيصلو انصاف جي اصولن خلاف آهي ۽ ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بنيادي حقن جي مسلسل پائماليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀيڻن سان گڏ بيٺل آهي. انجنيئر امير مقام عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي.











