وزيراعظم شهباز شريف جو قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفونڪ رابطو، پاڪستان پاران مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير کي امن جي لاءِ ڪئي ويندڙ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بابت اعتماد ۾ وٺندي قطر جي غيرمعمولي تحمل کي ساراهيو آهي ۽ پاڪستان پاران مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني کي ٽيليفون …

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير کي امن جي لاءِ ڪئي ويندڙ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بابت اعتماد ۾ وٺندي قطر جي غيرمعمولي تحمل کي ساراهيو آهي ۽ پاڪستان پاران مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني کي ٽيليفون ڪئي. پنهنجي گرمجوش ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. قطر جي امير پاران پڻ عيد جي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم خطي ۾ جاري جنگ تي پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن قطر ۽ ٻين ڀائر نار ملڪن جي خلاف حملن جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو ۽ انهن حملن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو جڏهن ته زخمين جي لاءِ دعا ڪئي. هن قطر جي امير ۽ قطر جي ڀائر عوام کي هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. موجوده صورتحال جي ڏس ۾ قطر جي غيرمعمولي تحمل کي ساراهيندي وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي پهچ ۽ امن جي ڪوششن کان قطر جي امير کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلسل سمورين ڌرين تي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي پنهنجي اختلافن کي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. قطر جي امير علائقائي امن جي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں