اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڀاڻ جي جائزه ڪميٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. جنهن ۾ ربيع 26-2025ع لاءِ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي طلب ۽ رسد جي صورتحال ۽ خريف 2026ع لاءِ جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبن جي نمائندن، ڀاڻ ساز ادارن، فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني، اينگرو ڪارپوريشن، فاطمه فرٽيلائيزر ڪمپني، ايف ايم …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت ۾ اجلاس، ربيع ۽ خريف لاءِ ڀاڻ جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڀاڻ جي جائزه ڪميٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. جنهن ۾ ربيع 26-2025ع لاءِ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي طلب ۽ رسد جي صورتحال ۽ خريف 2026ع لاءِ جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبن جي نمائندن، ڀاڻ ساز ادارن، فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني، اينگرو ڪارپوريشن، فاطمه فرٽيلائيزر ڪمپني، ايف ايم پاڪ لميٽيڊ ۽ نيشنل فرٽلائيزر ڊولپمينٽ سينٽر جي عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌُرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته زراعت جيڪا ملڪي مجموعي پيداوار ۾ تقريبن 19 کان 20 سيڪڙو حصو وجهي ٿي ۽ 37 کان 38 سيڪڙو افرادي قوت کي روزگار فراهم ڪري ٿي، قومي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته حڪومت ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي گهري نظر رکي ويٺي آهي ته جيئن آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رکي سگهجي. اجلاس ۾ اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جو ڀاڻ جو شعبو طلب ۽ رسد ۾ مضبوط متوازن برقرار رکيو پيو اچي. ربيع 26-2025ع دوران يوريا جي دستيابي طلب کان وڌيڪ رهي، جنهن سان ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پوکي بنا رڪاوٽ جاري رهي، جڏهن ته ڊي اي پي جي دستيابي به آبادگارن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي رهي. صوبن زرعي سرگرمين ۾ بهتريءَ جي نشاندهي ڪئي جيڪا بهتر فصلن جي معاشيات ۽ موسمي طلب جي عڪاس آهي. پاڪستان ۾ ساليانو تقريبن 22 کان 23 ملين هيڪٽرز ايراضيءَ تي ربيع ۽ خريف جون فصلون پوکيون وڃن ٿيون. ربيع ۾ ڪڻڪ جڏهن ته خريف ۾ چانور، ڪپهه ۽ ڪمند اهم فصلون آهن. ڀاڻ جو استعمال انهن فصلن موجب ٿئي ٿو جنهن سان زرعي پيداوار ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ يوريا جي سالياني طلب 6.5 کان 7.0 ملين ٽن جڏهن ته ڊي اي پي جي طلب 1.2 کان 1.5 ملين ٽن وچ ۾ رهي ٿي، جنهن جو وڏو حصو مقامي پيداوار مان پورو ڪيو وڃي ٿو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته پاڪستان جي ڀاڻ جو شعبو مضبوط پيداواري صلاحيت رکي ٿو ۽ يوريا جي سالياني پيداواري گنجائش تقريبن 7 ملين ٽن آهي. هي شعبو وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ بهتر هم آهنگيءَ ذريعي مسلسل پيداوار ۽ سڄي ملڪ ۾ فراهميءَ کي يقيني بنائي رهيو هو. خريف 2026ع جي حوالي سان جائزي ۾ وفاقي وزير اطمينان جو اظهار ڪيو ته يوريا ۽ ڊي اي پي ٻنهي جي مناسب مقدار دستياب هوندي ۽ طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ ذخيرا موجود هوندا. حڪومت ڪنهن به امڪاني صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وقت سر قدمن لاءِ تيار آهي ته جيئن ڪٽائيءَ جي اهم موسم ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. حڪومت عالمي ڀاڻ مارڪيٽ جي صورتحال تي گهري نظر رکي رهي آهي ۽ ڊي اي پي جي وقت سر فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. رسد ۽ طلب جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي به زور ڀريو ويو ته جيئن ملڪ جي سمورن علائقن ۾ بنا رڪاوٽ فراهمي جاري رهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڀاڻ مناسب قيمتن تي آبادگارن کي دستياب هئڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪي سطح تي يوريا جون قيمتون عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ نمايان طور گهٽ آهن جيڪو حڪومت جي آبادگار دوست پاليسين جو اظهار آهي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته شفافيت ۽ مؤثر ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڀاڻ وقت سر آبادگارن تائين پهچي سگهي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو عزم ورجايو آهي ته ڀاڻ جو شعبو مستحڪم، منظم ۽ ملڪ جي وڌندڙ زرعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته مناسب ذخيرا، مضبوط پيداواري صلاحيت ۽ مؤثر هم آهنگيءَ سبب ربيع 26-2025ع ۽ خريف 2026ع ٻنهي سيزن ۾ ڀاڻ جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رهندي. حڪومت آبادگارن جي مدد ۽ زرعي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي.











