ايس آءِ ايف سي جو اھم ڪردار، پاڪ-چين صنعتي ۽ واپاري سھڪار نئين مرحلي ۾ داخل

اسلام آباد - 25 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ۽ صنعتي سھڪار نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ ايس آءِ ايف سي اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ايس آءِ ايف سي جي اختيارين مطابق ٻنھي ملڪن وچ ۾ صنعت، زراعت، آءِ ٽي ۽ معدني وسيلن جي شعبن ۾ شراڪتداري کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. تازي وقت ۾ لاھور ۾ …

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ۽ صنعتي سھڪار نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ ايس آءِ ايف سي اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ايس آءِ ايف سي جي اختيارين مطابق ٻنھي ملڪن وچ ۾ صنعت، زراعت، آءِ ٽي ۽ معدني وسيلن جي شعبن ۾ شراڪتداري کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. تازي وقت ۾ لاھور ۾ لاھور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو اھم اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ چين جي قونصل جنرل سن يان شرڪت ڪئي. لاھور چيمبر جي صدر فھيم الرحمنٰ سھگل ان دوري کي پاڪ-چين لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ انتھائي اھم قرار ڏنو. سندس چوڻ ھو ته اھا اڳڀرائي (سي پيڪ) جي ٻئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جو واضح اشارو آھي، جتي سرڪاري سطح سان گڏو گڏ خانگي شعبن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن ۽ گڏيل منصوبن کي ھٿي ڏني پئي وڃي. اجلاس دوران آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ صنعتي ترقي جي مختلف پھلوئن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. لاھور چيمبر ان ڳالھه تي به زور ڀريو ته ٻولي جي رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ چيني ٻولي ۾ مھارت رکندڙ ماڻھن جي تربيت اڻٽر آھي ته جيئن واپاري رابطن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگھجي. لاھور چيمبر جي صدر جو چوڻ ھو ته بھتر ڪميونيڪيشن ۽ چيني ٻولي تي عبور ٻه طرفي سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ واپاري موقعن کي ھٿي وٺرائڻ جو سبب بڻجندو. ايس آءِ ايف سي جي مدد سان پاڪستان نه رڳو پنھنجي اقتصادي شراڪتدارن کي مستحڪم ڪري رھيو آھي پر گڏيل ترقياتي منصوبن جي ڪاميابي لاءِ به مضبوط بنياد فراھم ڪري رھيو آھي، جيڪو مستقبل ۾ پائيدار ترقي جي راھه ھموار ڪندو.