اسلام آباد - 25 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ راندين جي سامان جي ايڪسپورٽ ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ راندين جي سامان جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 287.65 ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 6.60 سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل مالي سال جي …
ملڪ ۾ راندين جي سامان جي ايڪسپورٽ ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ، فٽبال جي ايڪسپورٽ ۾ 15.38 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ
اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ راندين جي سامان جي ايڪسپورٽ ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ راندين جي سامان جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 287.65 ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 6.60 سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ راندين جي سامان جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 269.84 ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو ھو، فيبروري ۾ راندين جي سامان جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 32.78 ملين ڊالرز رھيو جيڪو جنوري ۾ 34.37 ملين ڊالرز ۽ گذريل سال فيبروري ۾ 30.70 ملين ڊالرز ھو، مالي سال 2025ع ۾ راندين جي سامان جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 408.60 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو ھو. انگن اکرن مطابق مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ فٽبال جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 172.54 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 149.53 ملين ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 15.38 سيڪڙو وڌيڪ آھي. اھڙي طرح مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ دستانن جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 46.88 ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو مالي سال جي ساڳي عرصي جي 50.75 ملين ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 8.24 سيڪڙو گھٽ آھي، جاري مالي سال دوران راندين جي ٻين سامان جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 68.21 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو.











