صنعتي صارفين جي سهولت ۽ بجلي جي مؤثر استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ نئين اختياري ٽيرف نظام جاري ڪرڻ تي غور آهي: پاور ڊويزن جو ترجمان

اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي هدايت تي پاور ڊويزن صنعتي صارفين جي سهولت ۽ بجلي جي مؤثر استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نئين اختياري ٽيرف نظام جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ پهرين مشاورتي ڪانفرنس (اڄ) خميس تي آن لائن منعقد ڪئي ويندي. تجويز ڪيل نظام تحت صنعتي صارفين کي …

اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي هدايت تي پاور ڊويزن صنعتي صارفين جي سهولت ۽ بجلي جي مؤثر استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نئين اختياري ٽيرف نظام جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ پهرين مشاورتي ڪانفرنس (اڄ) خميس تي آن لائن منعقد ڪئي ويندي. تجويز ڪيل نظام تحت صنعتي صارفين کي اهو اختيار حاصل هوندو ته هو ملٽي سليب ٽيرف ڍانچي کي اختيار ڪن جنهن ۾ بجلي جي قيمتن جو تعين، مختلف وقتن جو طريقيڪار (ٽائم آف يوز) موب سراسري مارجنل لاڳت جي بنياد تي ڪئي ويندي. ان طريقي جو مقصد مختلف وقتن ۾ بجلي جي حقيقي لاڳت جي بهتر عڪاسي ڪرڻ آهي. تجويز ڪيل ٽيرف ٻن بنيادي جُزن تي ٻَڌل هوندو. فڪسڊ چارجز تي هي وڌ کان وڌ طلب جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا ۽ نسبتن وڌيڪ هوندا، جنهن سان صارفين کي پنهنجي طلب کي بهتر انداز ۾ منظم ۽ گهٽ ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن چيو ته متغير توانائي چارجز سان ان چارجز کي نمايان طور معقول بڻايو ويندو ۽ انهن کي بجلي جي حقيقي لاڳت جي ويجهو آندو ويندو ته جيئن قيمتن جو تعين وڌيڪ شفاف ۽ حقيقت پسنداڻو هجي. هن چيو ته ان حوالي سان وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ڪيتريون ئي مشاورتي ۽ فني اجلاس منعقد ٿي چڪا آهن. ان تجويز ڪيل نظام سان صنعتي شعبي ۾ لوڊ جي مؤثر انتظام کي هٿي ڏيڻ ته جيئن صارفين گهٽ لاڳت وارن وقتن ۾ پنهنجون سرگرميون ترتيب ڏئي سگهن ۽ آف پيڪ وقتن ۾ بجليءَ جي استعمال ۾ واڌ جي نظام جي لوڊ فيڪٽر ۾ بهتري ايندي. ترجمان چيو ته پيڪ ڊيمانڊ ۾ گهٽتائيءَ ذريعي گرڊ تي بار گهٽ ڪرڻ ۽ مهانگي واڌو پيداواري صلاحيت جي ضرورت ۾ گهٽتائي ۽ توانائي لاڳت ۾ ٻَڌل امڪاني گهٽتائي جي ذريعي صنعتي پيداوار ۽ چٽاڀيٽي کي هٿي ڏيڻ آهي. مجموعي طور تي هي ٽيرف اصلاح پاڪستان ۾ پائيدار صنعتي ترقيءَ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جيڪو توانائيءَ جي مؤثر استعمال کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ ڊگهي مُدي جي معاشي ترقيءَ جي حمايت ڪندو. وفاقي وزير فني سفارشن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل نظام کي مؤثر ۽ جامع بڻائڻ لاءِ وڏي پيماين تي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت يقيني بڻائي وڃي، ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ جا صنعتي صارفين، چيمبر آف ڪامرس ۽ واپاري تنظيمن سان مشاورتي عمل شروع ڪيو ويندو جنهن سان حاصل ٿيندڙ راين جي روشنيءَ ۾ نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.